اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ واپار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع امڪان آهن، ٻنهي ملڪن کي گڏيل فائدي لاءِ ڪاروباري ۽ اقتصا??ي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، پولينڊ جي سيڙپڪارن کي پاڪس??ان جي سيڙپڪار دوست پاليسي ۽ بهتر سيڪيورٽي ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. هو پاڪس??ان ۾ پولينڊ جي عه??و ڇڏيندڙ سفير پيوتراوپالنسڪي سان ڳالهائي رهيو جنهن هتي ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪس??ان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ واپار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن، ٻنهيم لڪن کي گڏيل فائدي لاءِ ڪاروبار ۽ اقتصا??ي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، صدر چيو ته پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جا زبردست موقعا موجود آهن، پولينڊ جي سيڙپڪارن کي پاڪس??ان جي سيڙپڪار دوست پاليسي ۽ بهتر سيڪيورٽي ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي تعاون مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻئي ملڪ قومي ورثي جي تحفظ، بحالي جي گڏيل منصوبن، ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن جي ذريعي لاڳاپا وڌائي سگهن ٿا. صدر چيو ته پولينڊ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پاڪستاني شاگرد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر پولش آئل اينڊ گئس ڪمپني جي پاڪس??ان ۾ ڪاورباري سرگرميون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي پولينڊ جي عه??و ڇڏيندڙ سفير جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي پولينڊ جي سفير حڪومت پاڪس??ان جي پاليسين کي ساراهيندي چيو ته پاڪس??ان حيرت انگيز طور تي ترقي ڪري رهيو آهي، نوجوانن کي پاڪس??ان ۾ اڀرندڙ معاشي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي.