اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي تحفظ ۽ نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪامياب پاڪستان منصوبي جي ذريعي آبادگار?? جي مدد، سستي رهائش جي فراهمي ۽ ڪاروبار ۾ آساني لاءِ آسان شرطن تي قرض فراهم ڪيا ويندا، پوري دنيا ۾ شي?? جي قيمتن ۾ 40 سيڪڙو تائين اضافو ٿيو آهي، حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته عوام تي بار گهٽ ڪري رليف فراهم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي بئنڪ جي ڏکڻ ايشيا لاءِ نائب صدر هارٽ وگ شڪافر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنحسين، ??اڻ?? وارو وفاقي وزير شوڪت ترين، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير عمر ايوب، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستا?? جي معاشي صورتحال خاص طور تي ڪورونا جي باوجود مثبت معاشي انگ اکرن، گردشي قرضن ۾ چڱي خاصي گهٽتائي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو، حڪومت جي قدمن جنهن ۾ SDGs تي خصوصي ڌيان ڏيندي آبادگارن کي آسان قرض سان مدد ۽ منڊين تائين بنيادي ڍانچي جي بهتري جي ذريعي پهچ، آپٽيڪل فائبر سان مواصلات جي نظام ۾ بهتري جنه?? جي ڪري لاڪ ڊائون ۾ تعليمي سرگرمين کي فعال رکڻ ۾ مدد، ضم ٿيل ضلع?? جي ماڻهن کي ترقي لاءِ کنيل قدم، ماحولياتي آلودگي جي روڪٿام جنهن ۾ ٻيل?? جي بحالي، بلين ٽري سونامي ۽ ڪوئلي سان هلندڙ بجلي گهرن تي پابندي تي به تفصيلي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايم ايف پروگرام ۾ شامل ٻين ملڪ?? جي ڀيٽ ۾ گذريل سال پاڪستان ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان قرض?? جي شرح، معاشي شعبي ۾ سڌارا ۽ معاشي ترقي ۾ سمورن طبقن کي گڏ کڻي هلڻ جي پالسي تي به خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان موجوده ??يڪس ڏيندڙن تي وڌيڪ بار وجهڻ بدران معاشي ترقي جي پاليسي اختيار ڪري رهيو آهي جنهن سان نه رڳو روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا پر ملڪي روينيو به وڌندو ۽ ماڻه?? جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو. هارٽ وگ شڪافر ان موقعي تي چيو ته نه رڳو عالمي بئنڪ پر پوري دنيا پاڪستا?? جي احساس پروگرام جي غربت گهٽايو ۽ سماجي تحفظ ??ي حوالي سان معترف آهي ۽ مثال ڏي ٿي. پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ سماجي تحفظ ??ي منصوبن ۾ پوري مدد ۾ دلچسپي رکي ٿو، ان کانسواءِ حڪومت جي معاشي سڌارن ۽ ڪورونا وائرس دوران سمارٽ لاڪ ڊائو?? جي پاليسي به قابل تحسين آهي، عالمي بئنڪ ۽ پاڪستان جو ملڪ جي عوام جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ تعاون جاري رهندو، هن چيو ته احساس پروگرام غربت گهٽايو ۽ سماجي تحفظ ??و سڄي دنيا ۾ منفرد ۽ وڏو پروگرام آهي جنه?? جي عالمي سطح تي مثال ڏنا ويندا آهن، اميد آهي ته ڪامياب پاڪستان پروگرام به ان طرز جو هڪ مثالي پروگرام هوندو. وزيراعظم عالمي بئنڪ جي پاڪستان مشڪل وقت ۾ تعاون تي ٿورو ادا ڪندي چيو ته حڪومت جي اولين ترجيحن مان هڪ معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي، ڪامياب پاڪستان منصوبي جو جلد افتتاح ڪيو ويندو جيڪو آبادگارن کي مدد، سستي رهائش جي فراهمي ۽ ڪاروبار ۾ آساني لاءِ آسان شرطن تي قرض فراهم ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته بدقسمتي سان هن وقت پوري دنيا ۾ شي?? جي قيمتن ۾ 40 سيڪڙو تائين اضافو ٿيو آهي، حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته عوام تي بار گهٽ ڪري رليف فراهم ڪيو وڃي، حڪومت معاشي ترقي سان هن ملڪ جي نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ کي به پنهنجي اولين ترجيح سمجهي ٿي.