پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان پشاور ۾ شوڪت ??انم ميموريل ڪينسر اسپتال جو دورو ڪيو ۽ نئين تعمير ٿيندڙ آپريشن روم ۽ انتهائي نگهداشت جي يونٽ جو افتتاح ڪيو. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزير??عظ?? چيو ته پشاور ۾ شوڪت ??انم ميموريل ڪينسر اسپتال جو دورو ڪري کيس خوشي ٿي آهي، ان جديد سهولتن جي افتتاح سان پشاور ۾ شوڪت ??انم ميموريل ڪينسر اسپتال جي مڪمل ٿيڻ جو حتمي مرحلو مڪمل ٿيو آهي. پشاور ۾ شوڪت ??انم ميموريل ڪينسر اسپتال 2015ع ۾ کولي وئي هئي، وزير??عظ?? چيو ته پشاور ۾ شوڪت ??انم ميموريل ڪينسر اسپتال ۽ ريسرچ سينٽر جي قيام سان خيبرپختونخوا، اسلام آباد ۽ اترين علائقن جي عوام کي هڪ ڇت هيٺ ڪينسر جي سڃاڻپ ?? علاج جون سموريون سهولتون ميسر اينديون. هن چيو ته لاهور ۾ شوڪت ??انم ميموريل ڪينسر اسپتال 1994ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي، ان وقت جي سمورن مريضن جي تعداد ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۽ افغانستان مان علاج لاءِ لاهور و??ند?? هئا، جنهن جي ڪري اسان پشاور ۾ شوڪت ??انم ميموريل ڪينسر اسپتال قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، وزير??عظ?? سرندي وارن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو فراخدلي سان عطيا ڏ??ند?? رهن ته جيئن ڪينسر جي مريضن جي علاج لاءِ اهي ٻئي اسپتال مريضن جي تعداد ۾ اضافي جي باوجود انهن جو مفت علاج جاري رکي سگهن ۽ منصوبي موجب ڊسمبر 2023ع ۾ ڪينسر جي مريضن جي علاج لاءِ ڪراچي ۾ به نئين اسپتال ڪم شروع ڪندي.