سرگوڌا – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت 1 هزا?? 175 گهرن جي تعمير جي منصوبي جي پيڙهه جو پ??ر رکي ڇڏيو. سرگوڌا ۾ 6 جاين تي ٽي مرله جا گهٽ لاڳت وارا گهر تعمير ٿيندا، پنجاب حڪومت ان منصوبي جي لاءِ ز??ين ۽ ٻيون سهولتون ڏيند??. ا?? منصوبي تي ڪم فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) ۽ نيشنل لاجسٽڪ سيل گڏيل طور تي ڪندا. پنجاب بئنڪ ان منصوبي جي لاءِ مستحق ماڻهن کي مورگيج جي سهولت ڏيندي جيڪي ان جي قسط ڏئي سگهندا.