اسلام آباد/ اناتاليه – 25 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد ??يصر چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعاون جاري رکندو، سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي سبب متاثر ملڪ هجڻ جي ناطي ان ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ لاءِ اسان پرعزم آهيون، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان پاران ڏنل جاني ۽ مالي قربانين جي ڪري دهشتگردي جو خاتمو ممڪن ٿيو. قومي اسيمبلي س??ڪر??ٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد ??يصر اهڙن خيالن جو اطهار ترڪي جي شه?? اناتاليه ۾ ”دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ علائقائي رابطا مضبوط بڻائڻ“ جي باري ۾ پارليامينٽس جي اسپيڪرز جي چوٿين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اسپيڪر اسد ??يصر ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اولهه ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جي ڪري مسلمان امت کي سيڪيورٽي جا ڪيترائي خطرا لاحق آهن. هن چيو ته ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ۽ اسلام بطور امن جي مذهب جي ان جي اصل چهري کي روشن ڪرڻ کانسواءِ اسلامو فوبيه کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل رابطن کي فروغ ڏيڻ گهرجي. اسپيڪ?? ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان وسيع تر علائقائي رابطن جي لاءِ قدم جاري رکندو ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۽ علائقائي رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پارليامينٽ جي اسپيڪرز جي ڪانفرنس کي علائقائي ضرورتن جي لاءِ موثر بڻائيندو، رابطي کي علائقائي امن ۽ خوشحالي جو سنگ بنياد قرار ڏيندي اسپيڪر فليگ شپ چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي تحت پاڪستان طرفان جاري اڳڀرائي تي روشني وڌي.