اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ??يم) جي مطالبن کي رد ڪندي چيو آهي ته پي ڊي ??يم جا مطالبا غيرآئيني ۽ غيرجمهوري آهن، مطالبو قب??ل نه آهي، ڌمڪين سان ڳالهه نه ٿيندي، وزيراعظم استعيفيٰ نه ڏيندو ۽ نه ئي اس??مبلي تحليل ٿيندي، لاهور جي جلسي ۾ ڪا نئين ڳالهه نه هئي اهي ئي ڳالهيون هو گذريل جلسن ۾ ڪري چڪا آهن، پي ڊي ??يم ۾ استعيفائن جي معاملي تي ابهام آهي، لانگ مارچ جي حوالي سان به پي ڊي ??يم ۾ اتفاق نه آهي، بلاول کي چوان ٿو ته پٽ سياست ۾ دروازا بند ناهن ٿيندا توهان کي اڃا تربيت جي ضرورت آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته 13 ڊسمبر کانپوءِ پي ڊي ??يم ۾ افراتفري پکڙيل آهي ۽ ڪافي مايوسي جو شڪار آهن.