اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪورونا وائرس جي ويڪسين حاصل ڪرڻ، استعمال جي طريقيڪار جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏ?? آهي، سڀ کان اڳ ڪورونا وائرس جي خلاف وڙهندڙ هيلٿ ورڪرز، ٻي ترجيح ۾ 60 سالن جي عمر کان وڏن ماڻهن جڏهن ته ٽ??ين ترجي?? ۾ ??ورونا وائرس جي عام مريضن کي اها ويڪسين لڳائي ويندي، 2021ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ ڪورونا ويڪسين پاڪستان پهچڻ جو امڪان آهي، ڪابينا ڪورونا جي علاج ۾ موثر ثابت ٿيندڙ دوا REMDESIVIR جي 100 ملي گرام انجيڪشن جي قيمت 9244 رپين مان گهٽ ڪري 5680 رپيا مقرر ڪرڻ کانسواءِ ايئر سيال پرائيويٽ لميٽيڊ جي ريگيولر پبلڪ ٽرانسپورٽ لائيسنس جي تجديد، دفاع واري وز??رت کي پاڪستان نيوي انجنيئرنگ ڪاليج ۽ يلديز ٽيڪنيڪل يونيورسٽي ترڪيءَ جي وچ ۾ تعاون جي پروٽوڪول ۽ صحيحون ڪرڻ، پوسٽل لائيف انشورنس ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي مقرري ۽ اسلام آباد ميٽرو پوليٽن ڪلب جي عم??رت وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وز??رت جي حوالي ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏ?? آهي ۽ ان بلڊنگ ۾ نيشنل ڪاليج آف آرٽس جو ا??لام آباد ڪئمپس قائم ڪرڻ جي والي سان ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا پنهنجون سفارشون جوڙيندي.