اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، اين سي او سي مان ج??ري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 394 مريضن ج?? ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض سڄ?? ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس سبب فوت ٿيا، جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران 20 هزار 980 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 8 هزار 999، پنجاب ۾ 6 هزار 378، خيبرپختونخوا ۾ 2 ه??ار 560، اسلام آباد ۾ 2 ه??ار، 274 بلوچستان ۾ 271، گلگت بلتستان ۾ 209، آزاد ڪشمير ۾ 289 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا کان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 86 هزار 16 ٿي چڪي آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي 87 ڪورونا جا مريض آهن، هن وقت سڄ?? ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 542 آهي، هيستائين سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 98 هزار 903 آهي .