اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا ??ائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 498 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 مريض سڄ?? ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس جي ڪري فوت ٿي??، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 هزار 218 ڪورونا ??يسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ ۾ 8 هزار 155، پنجاب ۾ 8 هزار 725، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 285، اسلام آباد ۾ 2 هزار 844، بلوچستان ۾ 807، گلگت بلتستان ۾ 301، آزاد ڪشمير ۾ 101 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا ??ائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 82 هزار 268ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽي ليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 920 وينٽي ليٽرز تي 90 ڪورونا جا مريض آهن، هن وقت سڄ?? ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 8 هزار 909 آهي، هيستائين سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 97 هزار 512 آهي جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 306، بلوچستان ۾ 13 هزار 45، گلگت بلتستان ۾ 2 هزار 948، اسلام آباد ۾ 15 هزار 714، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 414، پنجاب ۾ 97 هزار 44 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 30 هزار 41 مريض آهن.