اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي ??ڪ طرفي غيرقانوني قدم، ڪشميرين تي ڀارتي ??لم ۽ ڏاڍ، استحصال ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي خلاف اواز اٿاريو پيو وڃي، ڀارت ڊگهي عرصي کان معصوم ڪشميرين جي خلاف ظلم ۽ استحصال جي باوجود انهن جي خودمختياري جي حق جي اڻٿڪ عزم کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، ڪشميرين جي آ??ادي جي جدوجهد منطقي انجام تائين پهچندي ۽ اهو وقت پري نه آهي جڏهن آزادي جو سج اڀرندو، عالمي برادري ۽ او آءِ سي کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ??لم روڪرائڻ، صحافت جي آ??ادي کي يقيني بڻائڻ ۽ انٽرنيٽ جي بندش کي ختم ڪرائڻ جي ??اءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، سموريون سياسي پارٽيون ۽ قوم ڪشمير مسئلي تي متحد آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن استحصال جي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ۾جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته استحصال جي ڏهاڙي جو مقصد 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني هڪطرفي قدم جي خلاف عالمي دنيا کي پيغام پهچائڻ آهي ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي ??و اظهار ڪرڻ آهي، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي 35 اي ۽ 370 کي آ??ين مان ختم ڪري ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري ڇڏي. هن چيو ته ڀارت هر فورم تي چيو ته ڪشمير ٻطرفو مسئلو آهي جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ??چ ۾ ٻطرفي مسئلن جي حل لاءِ 1973ع جو شملا معاهدو ڪيو ويو، ڀارت ان معاهدي تحت ڪشمير تڪرار جي حوالي سا ڪڏهن به پاڪستان سان ڳالهين لاء?? تيار نه ٿيو، ڀارت مختلف بهانا ڪري ڳالهين کان راهه فرار اختيار ڪري ٿو. صدر چيو ته ڀارت اسرائيل کان ظلم ڪرڻ سکيو آهي جهڙي طرح اسرائيل غزه ۾ آبادڪاري ڪري رهيو آهي ۽ فلسطينين تي ??نهن جي ??نهنجي زمين تنگ ڪري ڇڏي آهي اهڙي طرح ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڪشميرين تي پيلٽ گنز جو استعمال ڪري رهيو آهي.