ڪراچي – 16 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پي ٽي آءِ سنڌ جي ڪور ڪميٽي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، سامونڊي معاملن وارو ??فاقي وزير سيد علي زيدي پڻ موجود هئا. ڪميٽي جي ميمبرن ۾ آفتاب صديقي، فردوس شميم نقوي، حليم عادل ش??خ ۽ اشرف قريشي شامل هئا. هنن پارٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.