اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪورونا کان متاثر خاندانن ??ي رليف ڏيڻ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته رليف سرگرمين ۾ فلاحي ادارن ۽ سرندي وارن جي ڀرپور شرڪت انتهائي حوصلي جو??ي آهي، پاڪستاني قوم مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ نه رڳو ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو پر انسانيت جي خدمت جي جذبي سان سرشار ٿ?? پنهنجي هم وطنن جي ڀرپور مدد ڪئي ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين خان گنڊاپور سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪشمير آرفن رليف ٽرسٽ (ڪورٽ) جي چيئرمين چوڌري محمد اختر، روپاڻي فائونڊيشن جي ڪنسلٽنٽ صباح الدين ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف بوسٽن سان تعلق رکندڙ اڳواڻ عاطف خان سان گڏ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.