اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ??رد??س عاش?? اعواڻ چيو آهي ته احساس ڪيش ايمرجنسي پروگرام وزيراعظم عمران خان جي غريب، مزدور ۽ پورهيت طبقي سان محبت ۽ احساس جو اظهار آهي، اهو پروگرام محروم طبقن جي معاشي مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، هلندڙ هفتي حقدارن کي اها رق?? ملڻ جو س??سل?? شروع ٿي ويندو، مستحقين حصيداري بئنڪن مان رقم وصول ڪري سگهندا ان کانسواءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي اضافي ڪائونٽرز جو انتظام پڻ ڪري رهيا آهيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر ??رد??س عاش?? اعواڻ چيو ته نئين پاڪستان جي ايجنڊا احس??س ۽ عوام جي خدمت آهي، ڪيش پروگرام تحت 144 ارب رپيا 1 ڪروڙ 20 لک خاندانن ۾ ورهايا ويندا، مستحق خاندانن کي 12 هزار رپيا گڏ ادا ڪيا ويندا.