اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگا?? ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪرونا جي شڪل ۾ قوم کي درپيش چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي پاڪستان قائم ڪرڻ واري جذبي کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، صوبن کي جزوي لاڪ ڊائون جو آپشن ڏنو ويو پر ان جو مطلب زبردس??ي عوام کي گه??ن تائين محدود ڪرڻ نه آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪالهه وزيراعظم جي قوم کي خطاب کانپوءِ مختلف سياسي اڳواڻن، سماجي ليڊرشپ ۽ ميڊيا جي تجز??ه ڪارن جي جيڪا راءِ سامهون آئي آهي ان ۾ اڪثريت جي سوچ ۽ بيانيو هو ته پاڪستان کي لاڪ ڊائون طرف وڃڻ گه??جي.