اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي ??يئرمين جنرل نديم رضا کي ايوان صدر ۾ هڪ خصوصي ??قريب دوران نشان امتياز ملٽري عطا ڪيو، ان سلسلي ۾ منعقد ٿيندڙ خصوصي ??قريب ۾ دفاع واري وزير پرويز خٽڪ، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه نشان امتياز (ملٽري)، پاڪ فضائيه جي ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان نشان امتياز (ملٽري) ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي.