ملڪ منصوبابندي نه هجڻ سبب ماضي ۾ ترقي نه ڪري سگهيو: وزيراعظم

image
APP64-15 ISLAMABAD: November 15 - Prime Minister Imran Khan addressing at the MoU signing ceremony for “Super-6” 310 MW Wind Power Projects. APP

اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ڊگهي مدي واري منصوبابندي نه هجڻ سبب ماضي ۾ ترقي نه ڪري سگهيو، پن بجلي بدران مهانگي بجلي جا منصوبا شروع ڪيا ويندا رهيا، موجوده حڪومت جي 14 مهينن ۾ معيشت مستحڪم ٿي آهي، رپئي جو قدر مستحڪم ٿي رهيو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ترقي ڪري رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي، سيڙپڪارن جو اعتماد وڌي رهيو آهي، بجلي چوري جي روڪٿام سان هڪ سال ۾ 120 ارب رپيا اضافي وصول ڪيا ويا آهن، هوا مان بجلي جي پيداوار نه رڳو ماحول دوست پر سستي پڻ هوندي، گلوبل وارمنگ سان پاڪستان متاثر ٿي سگهي ٿو، ان مسئلي تي ڌيان ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ هوا سان بجلي جي پيداوار جي 340 ميگاواٽ جي منصوبن جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔
متعلقہ مضامین
مزید خبریں