اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا گرمي جي ايندڙ موسم ۾ ڊينگي جي خطري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪجهه ضروري دوائون ڀارت کان درآمد ڪر?? جي هڪ ڀيري جي اجازت جي تجويز رد ڪري ڇڏي جڏهن ته کنڊ جي معاملي جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي کي پاڪستان ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017ع تحت ڪميشن آف انڪوائري جا اختيار ڏيڻ، هر سال پروف آف ليونگ (زندهه هجڻ جو ثبوت) جي ڏس ۾ نادرا جي بايوميٽرڪ ويريفڪيشن نظام کي لاڳو ڪر??، وفاقي گادي واري شهر جي حدن ۾ موجود اد??رن ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين جي جاين لاءِ اسلام آباد ڊوميسائيل رکندڙ ماڻهن جي ڪوٽا 50 سيڪڙو ڪر??، مختلف اد??رن ۾ مقررين جي منظوري ڏيندي، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين زبير گيلاني جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي. وزيراع??م عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا وفاقي ملازمن پاران پگه??رن ۾ اضافي جي مطالبي جو پڻ جائزو ورتو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته صوبائي حڪومتن پاران روايت جي ابتڙ ملازمن جي پگه??رن ۾ اضافو ڪيو ويو جنهن سان صوبائي ۽ وفاقي سطح تي پگه??رن ۾ فرق موجود آهي جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي لاءِ پنهنجا مطالبا پيش ڪر?? جو هڪ طريقو قانون ۾ موجود آهي جنهن جي پاسداري انتهائي ضروري آهي.