اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي پهرين عورت ليفٽيننٽ جنرل (ر)نگار جوهر چيو آهي ته نياڻين جي تعليم جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لا??ِ انهن جي فيصلا سازي ۽ پاليسي سازي ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻو پوندو. جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ نياڻين جي تعليم جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان کي نياڻين جي تعليم لا??ِ معاشري روين کي چئيلنج ڪرڻو پوندو. ليفٽيننٽ جنرل (ر)نگار جوهر چيو ته تعليم ۽ معاشرتي روين جي چئيلنجز کي منهن ڏيڻ لا??ِ عورتن جي فيصلا سازي ۽ پاليسي سازي ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن چيو ته نياڻين جي تعليم لا??ِ چئيلنجز تمام گهڻا آهن پر ان سان گڏوگڏ موقعا به بي شمار آهن. هن چيو ته نياڻين جي تعليم کي قومي بجيٽ ۽ پاليسي جو لا??مي حصو بڻايو وڃي. هن چيو ته هو اهڙي معاشري ۾ وڌي ويجهي آ??ي جتي صنفي فرق عام هو، نياڻين جي تعليم کي اڪثر نظرانداز ڪيو ويندو هو، تعليم منهنجي زندگي ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. هن چيو ته مان اڄ هن مقام تي آ??يان جتي ملڪ جي خدمت ڪري رهي آ??يان ۽ نوڪري دوران اهڙا علائقا به ??ٺا جتي گرلز اسڪول تباهه ٿي چڪا هئا ۽ نياڻين کي زبردستي تعليم کان محروم ڪيو ويو هو. نگار جوهر چيو ته مان انهن بهادر نياڻين کي به ??ٺو جيڪي تعليم جي حق لا??ِ اٿي بيٺيون ۽ جدوجهد ڪئي. هن چيو ته هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت سان نياڻين کي صحت جا به تمام گهڻا مسئلا آهن، هڪ صحتمند معاشري ۾ پڙهيل لکيل صحتمند عورت اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.