اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ، نجڪاري ۽ مواصلات واري وفاق?? وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته م??ڪ ۾ پائيدار صنعتي ترقي ۽ معاشي بهتريءَ لاءِ سيڙپڪاري ڪندڙن کي پُرڪشش منافعو ملڻ گهرجي، جنهن سان روزگار ۾ واڌ ۽ هر شعبي ۾ ان جا مثبت اثر پيدا ٿيندا. اهڙو اظهار هن ملٽي نيشنل ڪمپني سي سي آءِ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪريم ياهي سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۾ بزنس کي هٿي ڏيڻ سميت سيڙپڪاريءَ جي حوالي سان اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي وفاق?? وزير چيو ته 24 ڪروڙ جي آباديءَ جي پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ جا بي پناهه م??قعا موجود آهن، جنهن سان ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي فائدو کڻڻ گهرجي. وفاق?? وزير چيو ته پرڏيهي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ بزنس جون وڌيڪ سهولتون ڏئي رهيا آهيون، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۽ سرمايو لڳائيندڙن کي عملي طور سازگار ماحول ۽ پُرڪشش سهولتن جو احساس هجي. وفاق?? وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت جي هاڪاري قدمن سان ناڻي واڌ جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي جيڪو انتهائي ساراهه جوڳو عمل آهي، ان سان نه صرف مستقبل ۾ ڪاروبار وڌندو پر سالياني اؤسر واري شرح ۾ به بهتري ايندي. وفاق?? وزير چيو ته پاڪستان جي آباديءَ جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻَڌل آهي ۽ اسان کي انهن جي ڪاروباري رجحان کي سامهون رکڻو پوندو. هن چيو ته ترڪيه جا ڪاروباري ادارا دل جي ويجهو آهن انهن سان خاص تعاون کي يقيني بڻائينداسين. هن ڪريم ياهي جي ترڪيه سان وابستگيءَ کي ساراهيندي کيس پنهنجي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي.