قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم م??مد ??هباز شريف ۽ ايران جي صدر مسعود پزشڪيان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي ٻطرفي واپار، معيشت، توانائي، سلامتي ۽ علائقائي رابطن جي حوالي سان پاڪ ايران ڀا??را??ي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اسرائيل جي هٿان بيگناهه فلسطينين جي نسل ڪشيءَ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ مظلوم فلسطينين جي لاءِ آواز بلند رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفي?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??مد ??هباز شريف جي اسرندڙ ملڪن (ڊي – 8) جي 11هين سربراهي اجلا?? جي موقعي تي ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ٻطرفي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن اميد ظاهر ڪئي ته ڊي – 8 سربراهي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن سان ميمبر ملڪن جي وچ ۾ شعبن ۾ گڏيل طور تي فائديمند تعاون وڌڻ جون راهون کلنديون. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي ٻطرفي واپار، معيشت، توانائي، سلامتي ۽ علائقائي رابطن جي حوالي سان پاڪ ايران ڀا??را??ي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم م??مد ??هباز شريف پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ موجود اداراجاتي حڪمت عملي جي ذريعي نئين شعبن جي نشاندهي ڪري ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون ۾ وسيع صلاحي?? کي استعمال ۾ آڻڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم م??مد ??هباز شريف سرحدي علائقن جي ترقي ۽ اتان جي ماڻهن جي روزگار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ بارڊر مارڪيٽن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو جن مان ڪجهه جو اڳ ۾ ئي افتتاح ٿي چڪو آهي جڏهن ته ڪجهه تي ڪم جاري آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مسئلن تي فراهم ڪئي ويندڙ حماي?? کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي سمورن معاملن تي ويجهو رابطو رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اسرائيل جي هٿان بيگناهه فلسطينين جي نسل ڪشيءَ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ مظلوم فلسطينين جي لاءِ آواز بلند رکڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان فلسطين، لبنان ۽ شام سان تعلق رکندڙ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار جاري رکندو. وزيراعظم ملاقات ۾ ايران جي سپريم ليڊر جي لاءِ پنهنجي مبارڪباد وارو پيغام پڻ ڏنو. وزيراعظم برڪس جو ميمبر بڻجڻ تي ايران کي مبارڪباد پڻ ڏني ۽ پاڪستان جي برڪس ۾ ميمبرشپ جي لاءِ ايران جي حمايت جي درخواست ڪئي. هن صدر مسعود پزشڪيان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.