اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) قومي ايمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق آرمي پبلڪ اسڪول پشاور( اي پي ايس)جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته انهن شهيدن ج??ن قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون، 16 دسمبر 2014ع جو سا??حو قومي تاريخ جو ڪارو باب آهي جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو. اي پي ايس جي معصوم شاگردن ۽ استادن ج?? قربانين قوم کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ متحد ڪيو. سومر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ سردار اياز صادق چيو ته اي پي ايس جا شهيد دهشتگردي خلاف اسان ج?? قومي اتحاد ۽ عزم جي علامت آهن سندن والدين ج?? صبر ۽ حوصلي کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پارليامينٽ ميمبر دهشتگردي خلا?? جنگ ۾ قانونسازي ذريعي ڀرپ??ر ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پر عزم آهن. هن چيو ته دهشتگردي خلا?? جنگ ۾ سيڪيورتي فورسز لازوال قربانيون ڏنيون آهن. هن ج??گ ۾ پوري قوم متحد آهي. هن چيو ته ملڪ مان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.