راولپنڊي-27 نومبر (اي پي پي) چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن (سي ايم سي) جي نائب ??يئ??مين جنرل زانگ يوشيا اعليٰ سطحي وفد سان گڏ جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) جو دورو ڪيو. معزز مهمان آرمي ??يف جنرل سيد عاصم منير سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.آءِ ا??س پي آر موجب انهن ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سيڪيورٽي جي صورتحال، خطي ۾ استحڪام جي قدمن ۽ ٻطرفي دفاعي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. آرمي ??يف جنرل عاصم منير پاڪستان ۽ چين جي پائيدار دوستاڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيو ته اهي لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ تعاون جي بنياد تي قائم آهن. هن ان تاريخي حصيداري کي وقت جي هر امتحان ۾ ثابت قدم قرار ڏنو ۽ ان ۾ وڌيڪ بهتري جي اميد ظاهر ڪئي. آرمي ??يف چين جي قيادت جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته عالمي ۽ علائقائي حالتن جي تبديلي باوجود پاڪستان سان م??بو??ي سان بيٺل آهي. جنرل زانگ يوشيا پاڪستان سان پنهنجي اسٽريٽجڪ حصيداري لاءِ پاڪستان جي مستقل وا??ستگي کي ساراهيو. هن دهشتگردي خلاف پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت ۽ عزم جي واکاڻ ڪئي ۽ ان پراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ م??بو?? ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان کان اڳ جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي جنرل زانگ يو شيا شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ پاڪستان جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي ک??س پاڪستان آرمي جي هڪ چست جٿي طرفان گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو.