اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي)مواصلات ۽ نجڪاري بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان پاڪستان پوسٽل سروس جي ڪارڪردگي ۽ مالياتي ڊسيپلين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پوسٽ کي بچائڻ لاءِ رات ڏينهن محنت ڪرڻي پوندي. غير ضروري خرچ گهٽ ڪري سرڪاري ادارن کي پاڻ ڀرو ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فوڪل گروپ آف ڪميونيڪيشن اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس دوران وفاقي وزير پاڪستان پوسٽل سروس جي ڪارڪردگي ۽ مالياتي ڊسيپلن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ هڪ هفتي ۾ پوسٽل سروس لاءِ هنگامي بنيادن تي مالياتي پلان ترتيب ڏيڻ جي هدايت ڪئي. هن هدايت ڪئي ته اداري جون خالي آساميون ختم، روينيو ۾ اضافي لاءِ ٺوس تجويز ڏني وڃي. سستي ڇڏي رات ڏينهن محنت ڪرڻي پوندي. عبدالعليم خان ڳالهائيندي چ??و ته جنهن اداري جا خرچ وڌيڪ ۽ آمدني گهٽ هوندي اهو نه هلي سگهندو، حڪومتي فنڊز تي ڀاڙڻ بدران پنهنجا وسيلا پاڻ پ??دا ڪرڻا پوندا، فن??ز ۾ اضافي لاءِ سڄي ملڪ ۾ جي پي اوز، پوسٽ آفيسن ۾ نادرا ۽ پاسپورٽ ڪائونٽرز ٺاهيا وڃن. هن چ??و ته غير ضروري خرچ گهٽ ڪري سرڪاري ادارن کي پاڻ ڀرو ڪرڻو آهي، جيڪڏهن پاڪستان پوسٽ کي بچائڻ چاهيو ٿا ??ه آفيسرن کي سخت محنت ڪرڻي پوندي، پوسٽ آفيس جو روايتي نظام بدلجي چڪو آهي، هاڻي نئين ??هرجن موجب ئي ڪم ڪرڻو هوندو. عبدالعليم خان وزارت بابت اهم ٽاسڪ ڏيندي چ??و ته پاڪستان پوسٽ لاءِ مربوط پاليسي جوري وڃي. هن چ??و ته مواصلات وارو وفاقي سيڪريٽري هڪ هفتي ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪري، مالياتي هدف حاصل ڪرڻو هوندو. ان موقعي تي مختلف معاملن تي غور ويچار بعد سينيئر آفيسرن بريفنگ ڏني ۽ تجويزون پيش ڪيون.