اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ 26هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جي 95 شرڪت ڪندڙن جي هڪ گروپ پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ان??ن کي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي، چئلينجز ۽ ٻين معاملن کان آگاهه ڪيو. شرڪت ڪندڙن کي پرڏيهي وزارت ?? ٻاهرئين مل?? پاڪستاني مشنز جي ڪم بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. سيشن جي پڄاڻي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي سيڪريٽري حاضرين جي سوال?? جا جواب ڏنا ۽ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن سا?? فڪرانگيز ڳالهه ٻولهه ڪئي.