اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردن خلاف ٻن مختلف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي ف??رسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت خوارج دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز ڪرڻ تي سيڪيورٽي ف??رسز جي بهادري کي ساراهيو ۽ فتن الخوارج جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر مملڪت چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ??نه??جي سيڪيورٽي ف??رسز سان گڏ آهي.