اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پوسٽ تربيلا ڊيم جي تعمير کي 50 سال مڪمل ٿيڻ تي 50 روپين جي ماليت جي يادگار ٽڪيٽ ج??ري ڪئي آهي. يادگار ٽپال ٽِڪلي جي افتتاح و??ري تقريب واپڊا ھائوس ۾ منعقد ڪئي وئي جنھن جو خاص مھمان واپڊا چيئرمين انجينئر ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني ??و. ??اڪستان پوسٽ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل (آپريشن) رضوان جاويد ھاشمي يادگار ٽپال ٽِڪلي جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي هن يادگار ٽپال ٽِڪلي ج??ري ڪرڻ تي پاڪستان پوسٽ جا ٿورا مڃ??ا. ??ن چيو ته تربيلا ڊيم پاڪستان جي انجينئرنگ جي صلاحيتن ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي عزم جو سٺو ثبوت آھي. يادگار ٽپال ٽِڪلي ان شاندار منصوبي لاءِ ھڪ مناسب خراج تحسين آھي. اھا ڳالھه اھم آھي ته تربيلا ڊيم جيڪو 1974ع ۾ مڪمل ٿيو ھو 50 سالن ??ان پاڪستان ۾ معاشي ??رقي ۽ سماجي ترقي لاءِ اھم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي.