اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) عوامي جمهوريه چين جي وزيراعظم لي چيانگ جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ باضابطا آ??ياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي ۽ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
عوامي جمهوريه چين جي وزيراعظم لي چيانگ جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ باضابطا آ??ياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سندس شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي وزيراعظمن هڪ ٻئي جي لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چي??ي وزيراعظم کي پاڻ سان گڏ اسلامي واري چبوتري تي وٺي ويو جتي ٻنهي ملڪن جي قومي ترانن جون ڌُنون وڄايون ويون. چي??ي وزيراعظم گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. ٽنهي هٿياربند فوج جي دستي چين جي وزيراعظم کي سلامي ڏني.
چي??ي وزيراعظم جو ان موقعي تي وفاقي ڪابينا جي ميمبرن ۽ عملي سان تعارف ڪرايو ويو جڏهن ته چين جي وفد جو پاڪستان جي وزيراعظم سان تعارف ڪرايو ويو.
چين جي وزيراعظم لي چيانگ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏجي وزيراعظم هائوس جي اڱڻ ۾ يادگار طور هڪ ٻوٽو پڻ هنيو.