اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته احتجاج ۽ شهرن کي بند ڪرڻ سان ملڪي معيش?? کي روزانو 190 ارب رپين جو نقصان ٿي ??هي?? آهي، هڙتال يا احتجاج سان معيشت ۽ عوام تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن، معيشت استحڪام سان اؤسر طرف گامزن آهي، اهڙي صورت ۾ پاڪستان احتجاج ۽ دهشتگردي کي برداشت نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي ان جي اجازت ڏينداسين. ڪالهه پنهنجي خاص وڊيو پيغام ۾ ناڻي واري وزير چيو ته ??عاشي بهتري لاءِ حڪومت طرفان کنيل قدمن جي نتيجي ۾ معاشي استحڪام جا ثمر اچڻ شروع ??ي ويا آهن. اس??يٽ بئنڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 10.7 ارب ڊالرن پهچي ويا، ملڪي ڪرنسي مستحڪم آهي، پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ٿي رهي آهي، پرڏيهي سيڙپڪارن جون بقايائون ادا ڪيون ويون آهن، مهانگائيءَ جي شرح 6.9 سيڪڙو جي سطح تي آهي جيڪا 44 مهينن جي گهٽ ترين سطح آهي ۽ پاليسي ريٽ ۾ آهستي آهستي گهٽتائي اچي رهي آهي. حڪومت بئنڪن کان قرض ۾ گهٽتائي ڪئي آهي ته جيئن نجي شعبي کي وڌيڪ قرض ملي. هن چيو ته احتجاج سان ملڪي معيش?? کي نقصان پهچي ??هي?? آهي، هڪ ڏينهن شهر بند ٿيڻ سان تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو، ملڪي معيش?? کي وڏي محنت سان استحڪام جي سطح تي آندو ويو آهي ۽ اسان اؤسر طرفان گامزن آهيون پر هڪ ڏينهن جي هڙتال يا احتجاج سان معيشت ۽ عوامي تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. هن چيو ته ??لائيشيا جي وزيراعظم پاڪستان جو دؤرو مڪمل ڪيو آهي، سعودي عرب سان هڪ اهم واپاري وفد پاڪستان اچي ??هي?? آهي، پاڪستان ۾ ايس سي او ڪانفرنس به منعقد ٿي رهي آهي. اهي سڀ سٺيون اڳڀرائيون آهن، جڏهن ته احتجاج ۽ دهشتگرديءَ سبب ملڪي معيش?? کي مسلسل نقصان پهچي ??هي?? آهي. اس??ام آباد ۾ 8 لک ماڻهو گذريل چئن ڏينهن جي احتجاج سبب متاثر ٿيا، جيڪڏهن عوام لاءِ ڳالهه ڪرڻي آهي ته ??يز تي ويهي ڳالهيون ڪريو، دڪانن ۽ مارڪيٽن کي بند ڪرڻ سان گهڻو نقصان ٿي ??هي?? آهي. هن چيو ته ??اڻي وزارت جي اڪنامڪ ايڊوائيزري ونگ احتجاج سبب نقصان جو ڪاٿو لڳايو آهي، اهو 190 ارب رپيا روزانو آهي، هن وقت ڪلي جي ڊي پي 124 ٽريلين رپيا آهي ۽ ان جو بنياد تي ڪاٿو لڳايو ويو آهي. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ چين جي شهرين تي حملو ٿيو، اسان چين جي حڪومت ۽ عوام جي ڏُک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هي آءِ پي پيز جا اهي انجنيئرز هئا جن سان مان ۽ پاور ڊويزن جي وفاقي وزير سردار اويس خان لغاري قرضن، ميچيورٽي ۽ ٽيرف ۾ گهٽتائي تي ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين، مان ڀروسي سان چوان ٿو ته ??ي اهي آءِ پي پيز هئا جن اسان کي چيو هو ته اسان پاڪستان سان گڏ هلنداسين ۽ اهڙو حل ڪڍنداسين جنهن سان چين ۽ پاڪستان ٻنهي کي فائدو پهچندو، جن ملڪ جي مدد لاءِ قدم کنيا، مان پرُاميد آهيان ته اهي معاملا اڳيان وڌندا. هن چيو ته ??عيشت هلي چڪي آهي ۽ اسان ايندڙ منزل طرف گامزن آهيون، ان هوندي احتجاج ۽ دهشتگردي کي برداشت نٿا ڪري سگهون ۽ نه ئي اسان ان جي اجازت ڏينداسين. منهنجي سڀني کي اپيل آهي ته ڪنهن اهڙي قدم ۾ حصو نه وٺو جنهن سان معيش?? کي نقصان پهچي، ڇاڪاڻ ته اهو سڀني جو نقصان هوندو، اسان پنهنجي معاشي حال?? کي مضبوط ڪنداسين.