??يو??ارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو??ارڪ ۾ بنگلاديش جي چيف ايڊ??ائ??زر ڊاڪٽر محمد يونس جي دعوت تي بنگلاديش جي گڏيل قومن ۾ ميمبرشپ جا 50 سال مڪمل ٿيڻ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. ڊاڪٽر محمد يونس وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو شاندار استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي اتفاق ٿيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٻط??فن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي حوالي سان مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي.