اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ سينيئر سياستدان الاهي بخش سومرو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو ??ظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت جو ??ظهار ڪندي چيو ته مرحوم الاهي بخش سومري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر طور پنهنجون ذميواريون انتهائي بهتر طريقي سان سرانجام ڏنيون. وزيراعظم چيو ته سندس لاڏاڻي سان پاڪستان جي سياست هڪ مدبر ۽ ڏاهي سياستدان کان محروم ٿي وئي. پاڪستان جي لاءِ سندس خدمتون سدا??ين ياد رکيون وينديون.