اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته سيرت النب??ﷺ ??موري انسانيت لاءِ مشعل راهه آهي، حضور اڪرمﷺ جي سيرت جو هر پهلو ماڻهن لاءِ روشني جو ٿنڀ آهي، تعليمي نظام ۾ نوجوانن کي موقعا ف??اهم ڪرڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن 49هين قومي سيرت النبي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سيرت النبيﷺ جي موقعي تي پوري قوم ۽ ڪي پي ڪي جي عوام کي عيد ميلادالنبيﷺ جون مبارڪون پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته حضور اڪرمﷺ جي سيرت جو هر پهلو ماڻهن لاءِ روشن??ءَ جو ٿنڀ آهي. سيرت النب??ﷺ ??رف عالم اسلام ناهي پر انسانيت لاءِ زندگ??ءَ جو هڪ عظيم مثال آهي. سيرت النبي سمورن انسانن لاءِ مشعل راهه آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ انسانن جي هدايت ۽ رهنمائ??ءَ لاءِ آخري نبي حضرت محمدﷺ کي موڪليو. هن چيو ته پاڻ سڳورنﷺ جا پاڪ اخلاق ۾ اخلاقيات ۽ روزمره جي رهنمائي ڪئي وئي آهي جنهن سان صرف عالم اسلام ئي نه پر عالم اسلام کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، پنهنجون زن??گي??ن سيرت مطابق گذارڻيون پونديون، تعليمي نظام ۾ نوجوانن کي موقعا ف??اهم ڪرڻا پوندا.