اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي سياسي معاملن بابت وقتي انڊر سيڪريٽري جان باس پرڏيهي وزارت ۾ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان وفدن جي سطح تي مُلاقات ڪئي ۽ مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين واپار، توانائي، سلامتي، صحت، موسمياتي تبديلي ۽ دهشت??رد?? جي خاتمي بابت موجوده ڳالهين واري مڪينزم تي اڳڀرائي سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي وسيع پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري پاڪ??تا?? پاران آمريڪا سان لاڳاپن کي ڏني ويندڙ اهميت جو ذڪر ڪيو. هن ٻطرفي مڪينزم خاص طور تي اقتصادي ۽ دفاعي شعبن کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ هڪ وسيع البنياد ۽ بامعنيٰ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي ل??ءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. انڊر سيڪريٽري جان باس گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ٺوس ڳالهه ٻولهه موقعو ڏيڻ تي پرڏيهي سيڪريٽري جا ٿورا مڃيا. هن چي?? ته آمريڪا معيشت کي مستحڪم ۽ مضبوط ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پاڪ??تا?? سان حصيداري جو خواهشمند آهي. هن ٻوڏ ۽ دهشتگرد حملن جهڙن تازن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي ل??ءِ پاڪ??تا?? پاران کنيل قدمن کي ساراهيو. انڊر سيڪريٽري جان باس نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? اسحاق ڊار سان پڻ ملاقات ڪئي.