اسلام آباد -04 سيپٽمبر (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناالله ??ارلياماني وفد سان گڏ پارليامينٽ لاجز ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مين??ل سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، سينيٽر عثمان باديني، اعجاز جکراڻي ۽ خالد مگسي شامل هئا. ملاقات کان پوءِ راڻا ثناالله ??يڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سردار اختر مينگل اسان جو ڀاءُ ۽ سينئر سياستدان آهي، بلوچستان ۾ سندس پارٽي جي وڏي اهميت آهي. هن چيو ته سردار اختر مينگل جو فيصلو سرپرائيز هو، اڄ اسان ??ن سان ويهي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ آيا آهيون، سندس جيڪا به ناراضگي آهي ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.