اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ آ??ربائيجان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ، سياحت جي فروغ، ڪلچرل ايڪسچينج پروگرام سميت 14 معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم آف??س جي م??ڊيا ونگ پاران جاري تفصيل موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آ??ربائيجان جي صدر الهام عليوف جي م??جودگي ۾ وزيراعظم هائوس ۾ انهن معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. انهن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي معاملن واري وزارت ۽ آ??ربائيجان جي پرڏيهي معاملن واري وزارت جي وچ ۾ قونصلر افيئرز تي م??اهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان جي نجڪاري واري وزارت ۽ آ??ربائيجان جي اڪانومي واري وزارت جي وچ ۾ رياستي ادارن جي نجڪاري جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان حڪومت ۽ آ??ربائيجان حڪومت جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ، ترجيحي واپاري معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. آذربائيجان جي انصاف واري وزارت ۽ پاڪستان جي قانون ۽ انصاف واري وزارت جي وچ ۾ تعاون جي معاهدي، پاڪستان حڪومت ۽ آ??ربائيجان حڪومت جي وچ ۾ معدني وسيلن ۽ جيالوجي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ ڪلچرل ايڪسچينج پروگرام سال 29 – 2024ع تي صحيحون ڪيون ويون. ان کانسواءِ آذربائيجان جي ڊيجيٽل ڊيولپمينٽ ۽ ٽرانسپورٽ واري وزارت ۽ پاڪستان جي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي م??اصلات واري وزارت جي وچ ۾ انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيز جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون.ان کانسواءِ آذربائيجان ٽيليويزن ۽ ريڊيو براڊ ڪاسٽنگ ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشتن ۽ پاڪستان حڪومت ۽ آ??ربائيجان حڪومت جي وچ ۾ سائينٽفڪ ۽ ٽيڪنالوجيڪل ڪوآپريشن جي لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن جي م??جودگي ۾ پاڪستان حڪومت ۽ آ??ربائيجان حڪومت جي وچ ۾ سياحت جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ معاهدي، اسلام آباد ۽ باڪو کي سسٽر سٽيز قرار ڏيڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. سمال ۽ ميڊيم بزنس ڊيولپمينٽ ايجنسي آذربائيجان ۽ سميڊ?? پاڪستان جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ادب جي شعبي ۾ ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ نظامي گنجوي انسٽيٽيوٽ آف لٽريچر آذربائيجان نيشنل اڪيڊمي آف سائنسز ۽ پاڪستان اڪيڊمي ادبيات جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون.