اسلام آباد -07 ج??لا??ِ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪستاني قوم ۽ مسلم امت کي نئين اسلامي سال 1446هجري جي شروعات تي مبارڪون ڏيندي دعا ڪئي آهي، ته هي هجري سال ??سا?? جي ملڪ لاءِ امن، خوشحالي ۽ استحڪام جو سبب بڻجي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب نئين اسلامي سال 1446هجري جي شروعات تي صدر مملڪت آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي، ته مان پاڪستاني قوم ۽ مسلم امت کي نئين اسلامي سال 1446هجر ي جي شروعات تي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو ۽ مان الله تعاليٰ جي حضور دعاڳو آهيان ته هي هجري سال ??سا?? جي ملڪ لاءِ امن، خوشحالي ۽ استحڪام جو سبب بڻجي. هن چيو ته محرم الحرام کي اسلامي تاريخ ۾ خاص اهميت ۽فضيلت حاصل آهي. رمضان المبارڪ جي مهيني کان پوءِ محرم الحرام ۾ عبادتن کي خاص فضيلت حاصل آهي. هن مهيني ۾ الله تعاليٰ هر قسم جي فتني کان منع فرمائي بندگي جي ڪمن ۾ مشغول هئڻ جي تلقين فرمائي آهي. نئين سال جي شروعات ۾ ??سا?? کي گناهن کان بچڻ، بارگاهه الاهي ۾ توبه ڪرڻ ۽ دين اسلام جي تعليم تي غور ڪرڻ جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته هي مهينو دين جي سرفرازي خاطر حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه ۽ سندس وفادار ساٿين جي لازوال قرباني جي ياد به تازه ڪري ٿو ۽ ??سا?? کي ان ڳالهه جو سبق ڏئي ٿو ته دين جي سر بلندي خاطر ??دو??هد ئي زندگي جو اصل مقصد آهي. حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه ۽ سندس ساٿين ظلم ۽ طاغوتي طاقتن جو مقابلو ڪندي پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، اوهان ۽ اوهان جا ساٿي ظلم ۽ جبر خلاف ??دو??هد ۾ قرباني ۽ استقامت سبب امر ٿي ويا آهن. هي مهينو ??سا?? کي خدا پاڪ جي خوشنودي، ظلم خلاف ڄم?? بيهڻ ۽ حق جي فتح خاطر وڏي کان وڏي مصيبت جي باوجود ثابت قدم رهڻ جو درس ڏئي ٿو. صدر مملڪت چيو ته نئون اسلامي سال ??سا?? کي پنهنجي زندگين ۽ طرز عمل تي غور ڪرڻ ۽ ان کي اسلامي تعليم موجب اختيار ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، ??سا?? کي پنهنجي اندر حق ۽ باطل ۾ فرق ۽ دين جي صحيح تعليم بابت فهم ۽ شعور پيدا ڪري ٿو. ??سا?? سڀني کي گهرجي ته ??سا?? پنهنجي اندر اخوت، صبر ۽ برداشت جون خصوصيتون پيدا ڪيون ۽ گڏيل اختلافن کي وساري قومي يڪجهتي ۽ بين المسالڪ هم آهنگي کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيون. مان الله پاڪ جي حضور ۾ دعاڳو آهيان ته هو ملڪ پاڪستان کي هر قسم جي آفتن کان محفوظ فرمائي ۽ ??سا?? سڀني کي پنهنجون زندگيون اسلامي اصولن مطابق بصر ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. الله تعاليٰ ??سا?? جو حامي ۽ ناصر هجي. آمين.