اسلام آباد-29 جون (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف فوري طور پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ (پي ڊبليو ڊي) کي ختم ڪرڻ جو عمل شرو ڪرڻ ۽ ان عمل دوران ملازمن جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پي ڊليو ڊي تحت جاري منصوبن کي لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن کان مڪمل ڪرايو ويندو، سرڪاري تعم??ر ۽ مرمت لا??ِ عالمي معيار جي نجي ڪمپنين جو خدمتون ورتيون وينديون. ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ کي ختم ڪرڻ ۽ ان جي متبادل ح??ال?? سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، رياض حسين پيرزاده، احسن اقبال، احد چيمه، پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم کي پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ جي ح??ال?? سان لا??حه عمل ۽ ان جي متبادل جي ح??ال?? سان ڪميٽي جون سفارشون پيش ڪيون ويون. اجلاس دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته فوري طور پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ختم ڪرڻ واري عمل دوران ملازمن جي مفادن جو تحفظ ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پي ڊبليو ڊي تحت جاري منصوبن کي لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن کان مڪمل ڪرايو ويندو. سرڪاري تعم??ر ۽ مرمت لا??ِ عالمي معيار جي نجي ڪمپنين جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پي ڊبليو ڊي جي اثاثن جي انتظامن لا??ِ هڪ ايسٽ مينيجمينٽ ڪمپني جوڙي ويندي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته پي ڊبليو ڊي جي اثاثن جي رڪارڊ کي مڪمل طور تي ڊجٽلائيز ڪيو وڃي، پاڪستان جون معاشي حالتون ملڪي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ادارن جو وڌيڪ بار برداشت ڪرڻ جي سگهه نٿيون رکن ان ح??ال?? سان جاري عمل جي نگراني ۾ مان پاڻ ڪندس. اجلاس کي پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ، جاري منصوبن تي عملدرآمد، پي ڊبليو ڊي جي متبادل ۽ تعم??ر ۽ مرمت لا??ِ نجي ڪمپنين جي خدمتن جي حاصلات جي ح??ال?? سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ڊبليو ڊي تحت جاري منصوبن کي وفاقي ۽ صوبائي ادارن کان مڪمل ڪرايو ويندو. جڏهن ته پي ڊبليو ڊي کي ڪنهن به قسم جون نئون منصوبو نه ڏنو وڃي. تعم??ر ۽ مرمت جو ڪم عالمي معيار جي نجي ڪمپنين کي آئوٽ سورس ڪيو ويندو. اجلاس ۾ پي ڊبليو ڊي جي ملازمن جي ح??ال?? سان به ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم ان ح??ال?? سان ملازمن جي مفادن جو تحفظ ڪندي هڪ قابل عمل ۽ جامع لا??حه عمل جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي جلد هن عمل کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هو هن عمل جي پاڻ نگراني ڪندو.