اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي چين جي دوري جي موقعي تي بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ ڪيترن ئي چيني ادارن جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب جي اڳواڻي ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي وزيرا??ظم جو خاص معاون طارق فاطمي، پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي، چين ۾ پاڪستان جو سفير خليل هاشمي، بورڊ آف انويسٽمينٽ جو سيڪريٽري رحيم حيات قريشي ۽ ايڊيشنل بي او آءِ ڊاڪٽر ارفع اقبال پڻ موجود هئا. ايم او يوز پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ زراعت، ليبر انٽينسيو مينوفيڪچرنگ انڊسٽري، ڊيجيٽل معيست، گرين معيشت ۽ لاجسٽڪ ما??ول??اتي نظام ۾ تعاون تي ڌيان ڇڪرائين ٿا. نائب وزيرا??ظم ان موقعي تي چين جي عالمي اقتصادي پاليسين جي اهميت، چيني ڪاروباري ادارن جي عالمي مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي صلاحيت جو ذڪ?? ڪيو. نائب وزيرا??ظم محمد اسحاق ڊار پاڪستان جي مقامي مارڪيٽ جي هڪ جهڙائي جي صلاحيت تي پڻ زور ڏنو.