شينزن -04 جون (اي پي پي) پاڪ??تا??ي وفد بزنس ٽو بزنس اجلاس لاءِ چين جي شهر شينزن پهچي ويو، 79 پاڪ??تا??ي ڪمپينن جا نمائندا چين جي ڪمپنين جي اڳواڻن سان ملاقات ڪندا. پلاننگ ڪميشن جي ترجمان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف به پنهنجي چين جي دوري جي پهرين مرحلي ۾ شينزن ۾ جديد آءِ ٽي ڪمپنين جي عهديدارن سان ملاقات ڪندو. ان موقعي تي فضل اسٽيل جي الياس عزيز ملڪ چيو ته اهڙي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ چاهيون ٿا جيڪا پاڪ??تا?? ۾ بهتر طريقي سان ڪم ڪري سگهي. ان مقصد لاءِ مان چين آيو آهيان. چيني به پاڪ??تا?? ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا کين هڪ بهترين شراڪتدار جي ضرورت آهي. اسان جي ڪوشش هوندي ته چيني وڌ ۾ وڌ پاڪ??تا?? ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ پاڪ??تا?? جي ايڪسپورٽ ۾ واڌ ٿئي. سوگو گروپ آف ڪمپنيز جي عبدالخليق جعفراڻي چيو ته چين جي ترقي اسان آڏو آهي. منهنجي ڏاڏي 1950ع جي ڏهاڪي کان اڳ چين ۾ ڪاروبار شروع ڪيو هو اڄ اتي چوٿون نسل ڪم ڪري رهيو آهي. پاڪ??تا?? ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي سان ملڪ ترقي ڪندو. پاڪ??تا?? ۾ بجلي جي کوٽ جو مسئلو آهي. سولر پينل ۽ انورٽر تيار ڪرڻ جي شعبي ۾ ڪم ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن پاڪ??تا?? اندر مينيوفيڪچرنگ ٿيندي ته ان مان وڌيڪ ف??ئدو کڻي سگهبو. موجوده حڪومت جي قدمن عيوض ملڪي ترقي ڪندو، پاڪ??تا?? ۾ صنعتون لڳڻ سان ملڪ کي ئي فائدو پهچندو. فوٽون برينز جي فيضان فيض چيو ته حڪومت ڪاروباري شخصيتن کي سهولتون ڏئي رهي آهي. پهر??ان واري شخصيتن کي پنهنجا گراهڪ پا?? ڳولڻا پوندا هئا. حڪومت طرفان بزنس ٽو بزنس گڏجاڻين ۾ سهولتن جي فراهمي سٺو سنوڻ آهي، اسان ملڪ ۾ چين جي سيڙپڪاري آڻڻ لاءِ پراميد آهيون.