بيجنگ – 16 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين توانائي، بئنڪنگ ۽ مالياتي ??عبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ رابطن جي منصوبن تي ??ڳڀرائي کي تيز ڪرڻ سان گڏوگڏ اعليٰ معيار جي بيلٽ اينڊ روڊ تعاون جي حمايت ڪرڻ ۽ ”اپ گريڊ ورزن“ بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي ??تفاق ڪيو آهي. بيجنگ ۾ ٿيندڙ پاڪ چين پرڏيهي وزيرن واري اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي پنجين دور ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه سميت ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چيني پرڏيهي وزير وانگ يي اجلاس جي گڏيل صدارت ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران ڌرين اسٽريٽجڪ، اقتصادي، سياسي، دفاعي ۽ سلامتي، واپار، سيڙپڪاري، ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي ڊوميز ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون جي سمورن شعبن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. تقريب کانپوءِ جاري گڏيل بيان موجب گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين پنهنجي گڏيل مفادن جي تحفظ جي لاءِ گڏيل طور تي قدم کڻڻ، ٻنهي ملڪن جي عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ خطي ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي ??تفاق ڪيو. پاڪستان ۽ چين اعليٰ معيار جي بيلٽ اينڊ روڊ تعاون کي سپورٽ ڪرڻ جي لاءِ چين جي 8 وڏن قدمن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي ??تفاق ڪيو ۽ گڏيل طور تي ??رقي جي لنگهه جي تعمير جي ذريعي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جو هڪ ”اپ گريڊ ورزن“ جوڙن تي ??تفاق ڪيو. ڌرين ايم ايل ون جي اپ گريڊيشن، گوادر بندرگاهه، قراقرم هاءِ وي فيز ٽو جي ري الائنمنٽ، زراعت، صنعتي پارڪس، کاڻين جي کوٽائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مقامي حالتن موجب ٻين شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ سميت اهم رابطن جي منصوبن تي ??ڳڀرائي کي تيز ڪرڻ سان گڏوگڏ پائيدار ترقي جي لاءِ پاڪستان جي صلاحيت کي وڌائڻ تي ??تفاق ڪيو. ان ڳالهه کي تسليم ڪيو ويو ته دره خنجراب ٻطرفي واپار ۽ عوام جي وچ ۾ مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ دره خنجراب جي سڄو سال کليل رهڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪ??ششون تيز ڪرڻ تي ??تفاق ڪيو ويو. ڌرين علائقائي ۽ عالمي فورمز تي هڪ ٻئي جي حمايت سميت مالي ۽ بئنڪنگ جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ??تفاق ڪيو، پاڪستان پنهنجي مالياتي ??عبن ۾ مدد فراهم ڪرڻ ۽ ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي ??فتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ چين کي ساراهيو، ٻنهي طرفن کان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۽ چين سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنر آهن ۽ ان حصيداري جو بنياد مضبوط دوستي ۽ گڏيل اسٽريٽجڪ اعتماد تي قائم آهي. ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ته ڌرين ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن پاران طئي ٿيندڙ اهم اتفاق راءِ تي ??ملدرآمد ۽ سمورين سطحن تي مٽاسٽا کي فروغ ڏينديون، رياستي نظم ۽ ضبط ۾ تجربي جي مٽاسٽا کي سگهه ۽ سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيندا. چين پاڪستان کي ڪامياب عام چونڊون منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نئين پاڪستاني حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ج??هن ته پاڪستان صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ نئين دور ۾ چين جي اهم ترقياتي ڪاميابين جو ذڪر ڪيو. پاڪستان ون چائنا اصول تي پنهنجي پختي ??زم جو ورجاءُ ڪيو ۽ تائيوان سنڪيانگ، زي زانگ، هانگ ڪانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين تي چين جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. چين پاڪستان جي خودمختياري، قومي آزادي ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ، پاڪستان جي ترقي، دهشتگردي جو مضبوطي سان مقابلو ڪرڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي وڏو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ پاڪستان جي مستقل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين هن سال 26 مارچ تي پاڪستان ۾ داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي چيني قافلي تي ??هشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي ۽ چيو ته چين پاڪستان تعاون کي نقصان پهچائڻ جي ڪا به ڪوشش ڪ??هن ڪامياب نه ٿيندي. ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي وئي ته پاڪستان ڏوهارين کي ڳولڻ ۽ انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندو، وڌيڪ موثر حفاظتي قدم کڻندو ۽ پاڪستان ۾ چيني اهلڪارن، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو. ڌرين هر قسم جي دهشتگردي ۾ ”زيرو ٽالرنس“ رويي سان مقابلو ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ هڪ جامع موقف جي ذريعي دهشتگردي جي خاتمي ۽ سلامتي ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي ??تفاق ڪيو. ڌرين خلائي تعاون ۾ توسيع تي ??طمينان جو اظهار ڪيو ۽ خلا جي پرامن ۽ گڏيل طور تي فائديمند ڳولا جي لاءِ ان کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ تي ??تفاق ڪيو. ڌرين ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ، سمورن حل طلب تڪرارن جي حل جي ضرورت ۽ ڪنهن به هڪطرفي ڪارروائي جي مخالفت تي ??ور ڏنو. پاڪستان چين کي ڄمون ۽ ڪشمير جي تازه ترين صورتحال کان آگاهه ڪيو، چين ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي تاريخي تڪرار کي گڏيل قومن جي چارٽر، سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ٻطرفن معاهدن موجب مناسب ۽ پرامن طريقي سان حل ڪرڻ گهرجي. پاڪستان پائيدار ترقي جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ چين جي ڪوششن کي ساراهيو، ٻنهي ڌرين گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن، گهڻ رخي ۽ آزاد واپار جي حمايت ۽ ”سمال سرڪلز“ ۽ ”بلاڪ ڪنفرنٽيشن“ جي مخالفت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن افغانستان جي معاملي تي ??ابطن کي مضبوط بڻائڻ تي ??تفاق ڪيو. هن انساني صورتحال ۽ اقتصادي ترقي جهڙن شعبن ۾ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغانستان جي مدد جي لاءِ عالمي برادري جي گڏيل ڪوششن تي ??ور ڏنو ته جيئن افغانستان کي هڪ ٺوس سياسي ڍانچو ٺاهڻ، اعتدال پسند پاليسيون اختيار ڪرڻ، سٺي پاڙيسريت تي ??مل ڪرڻ ۽ دهشتگردي کي مضبوطي سان منهن ڏيڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪري سگهجي ۽ اهو ته هو پنهنجي سرزمين کي دهشتگرد ڪاررواين جي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏي. ڌرين ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته فلسطين اسرائيل تڪرار مان نڪرڻ جو بنيادي رستو ٻه رياستي ??ل ۽ فلسطين جي آزاد رياست قائم ڪرڻ آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران منظور ڪيل قرارداد کي قانوني لحاظ کان فوري طور تي ??يرمشروط ۽ پائيدار جنگبندي جي حصول جي لاءِ موثر طريقي سان لاڳو ڪرڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته عالمي برادري کي فلسطين جي مسئلي ۾ فوري طور تي وڌيڪ احساس سان ڪوششن ۾ اضافي سان گڏوگڏ فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جلد کان جلد امن ڳالهين جي بحالي جي لاءِ ڪ??ششون تيز ۽ پائيدار امن جي لاءِ ڪ??شش ڪرڻ گهرجي.