اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ??تا?? قطر سان پنهنجي تاريخي، دوستاڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن کي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ٻطرفي تعاون کي ??ضب??ط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قطر جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر محمد بن عبدالعزيز الخليفي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. قطر پرڏيهي مملڪتي وزير ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي وزيراعطم چيو ته پاڪ??تا?? قطر سان پنهنجي تاريخي، دوستاڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن سدائين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪ??تا?? قطر سان پنهنجي بهترين لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند ۽ ??ضب??ط حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ان حوالي سان وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ٻطرفي تعاون کي ??ضب??ط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ گهرجي. وزيراعظم قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي (ڪيو آءِ اي) جي اهم ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪ??تا?? چاهي ٿو ته قطر پاڪ??تا?? ۾ ترجيحي شعبن ۾ پنهنجي سيڙپڪاري جي پورٽ فوليو کي وڌائي. وزيراعظم چيو ته ان حوالي سان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) هم آهنگي کي يقيني بڻائيندي ۽ سموريون سهولتون فراهم ڪندي. وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۽ وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني جي لاءِ نيڪ خواهشن ج?? اظهار ڪيو. قطري مملڪتي وزير پنهنجي استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا ??ڃيا ۽ کيس قطر جي قيادت جو خصوصي پيغام پهچايو ۽ قطر ۽ پاڪ??تا?? جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ ??ضب??ط بڻائڻ ۽ پاڪ??تا?? ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي ج?? اظهار ڪيو. قطر جو مملڪتي پرڏيهي وزير قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي خصوصي ايلچي جي طور تي پاڪ??تا?? جي هڪ ڏينهن جي دوري تي آهي.