ڪراچي – 12 – مارچ (اي پي پي) ترڪيه جي صدر ر??ب طيب اردوان صدر آصف علي زرداري کي ٽيليفون ڪئي ۽ پاڪستان جي صدر جو ع??دو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي صدرن ٻطرفي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري ترڪ صدر پاران ٽيليفون ۽ نيڪ خواهشن جي اظهار تي سندس ٿورا مڃيا. هن ترڪيه جي عوام کي رمضان المبارڪ جي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي صدر جلد ئي صدر ر??ب طيب اردوان کي پاڪستان گهرائڻ جي خواهش ??و اظهار پڻ ڪيو.