اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تيل ۽ گئس جي ڳولا، ريفائننگ ۽ ورڇ ۾ نجي شعبي ۽ مقامي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن کي هر قسم جي سهولت فراهم ڪرڻ، رمضان المبارڪ ۾ صارفين کي بجلي ۽ گئس جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني ??ڻا??ڻ جي ه??اي?? ڪئي آهي، وزيراعظم گئس ۽ تيل جي شعبي جي گردشي قرض کي ختم ڪرڻ ۽ ان مسئلي کي پائيدار حل جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پيٽروليم جي شعبي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سينيٽر اسحاق ڊار، سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ، شيزه فاطمه خواجه، احد خان چيما، جهانزيب خان، محمد اورنگزيب، علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي پيٽروليم ۽ گئس جي شعبي جا گردشي قرض، ٽائٽ گئس ۽ سمنڊ هيٺ قدرتي گئس ۽ پيٽروليم جي ذخيرن جي ڳولا، انهن مان ڀرپور فائدو کڻڻ ۽ ان شعبي ۾ عالمي سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ قدمن جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيرا تيزي سان گهٽ ٿي رهيا آهن ۽ ملڪي کپت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ساليانو 4 ارب ڊالر جي پيٽروليم مصنوعات درآمد ڪئي پئي وڃي، مقامي سطح تي ڳولا سان اربين ڊالر جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو. اجلاس کي پيٽروليم ۽ گئس جي شعبي جي گردشي قرص جي حوالي سان پڻ ٻڌايو ويو. وزيراعظم گردشي قرض کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ جي ه??اي?? ڪئي. اجلاس کي ٽائٽ گئس ۽ سمنڊ هيٺ تيل جي ذخيرن جي ڳولا جي حوالي سان عالمي سيڙپڪارن جي گهري دلچسپي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صارفين جي تحفظ کي نظر ۾ رکندي ايل پي جي پاليسي 2024ع تي ڪم جاري آهي جنهن جي لاءِ سمورين ڌرين سان مشاورت پڻ ڪئي پئي وڃي. بعد ۾ اجلاس کي صنعتي شعبي ۾ توانائي جي کپت ۽ معدنيات جي شعبي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي توانائي شعبي جي سڌارن تي ترجيحي بنيادن تي عملدرآمد جي ه??اي?? ڪئي. وزيراعظم رمضان المبارڪ ۾ صارفين کي بجلي ۽ گئس جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني ??ڻا??ڻ جي پڻ ه??اي?? ڪئي. هن چيو ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار نه آهي پر نجي شعبي کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ صارفين خاص طور تي مع??شي طور تي ڪمزور طبقي جي مفادن جو تحفظ آهي. وزيراعظم ٽائٽ گئس ۽ سمنڊ هيٺ تيل ۽ قدرتي گئس جا ذخيرا ڳولڻ جي لاءِ عالمي سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان قدم کڻڻ جي ه??اي?? ڪئي. هن چيو ته افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته پا??ستان جون سامونڊي حدون جنهن جي ايراضي بلوچستان کان به وڌيڪ آهي ان ۾ موجود وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ قدم نه کنيا ويا، پا??ستان جي سامونڊي حدن ۾ تيل ۽ گئس جي وسيع ذخيرن جي ڳولا ۽ انهن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ قدم حڪومت جي او??ين ترجيح آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ پيٽروليم جي ريفائننگ جي صلاحيت وڌائي وڃي. هن گئس ۽ تيل جي شعبي جي گردشي قرض کي ختم ڪرڻ ۽ ان مسئلي جي پائيدار حل جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي طلب ڪري ورتي. هن چيو ته گئس ۽ تيل جي شعبي ۾ چوري ڪندڙن جي نشاندهي ڪري قرار واقعي سزا ڏني وڃي، گئس تي سمارٽ ميٽرنگ سان خساري کي گهٽ ڪيو وڃي، عوام جي رت پگهر جي ڪمائي، قومي خزاني کي وڌيڪ نقصان نه پهچڻ ڏيندس. وزيراعظم ه??اي?? ڪئي ته ايل پي جي جي شعبي جي سخت نگراني يقيني ??ڻا??ي وڃي ته جيئن صارفين کي سستي اگهن تي ايل پي جي ميسر هجي. هن چيو ته صنعتن کي گئس جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني ??ڻا??ي وڃي، صنعتن ۾ انرجي ايفيشنٽ مشينري هڻڻ يقيني ??ڻا??ي وڃي، گهريلو صارفين جي روزاني جي استعمال جي شين کي گئس بدران بجلي تي هلائڻ جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. وزيراعظم گذريل حڪومت جي دور ۾ توانائي جي بچت جي لاءِ جوڙيل حڪمت عملي تي عملدرآمد جي حوالي سان پڻ رپورٽ طلب ڪري ورتي. هن پا??ستان جي توانائي جي شعبي جي انتظامي ڍانچي کي عالمي رخن تي قائم ڪرڻ جي ه??اي?? ڪئي. هن چيو ته توانائي شعبي ۾ ميرٽ تي ملڪ جي باصلاحيت ماڻهن کي مقرر ڪيو وڃي، توانائي شعبي جي سڌارن تي گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي ترجيحي بنيادن تي جوڙي پيش ڪئي وڃي. هن ملڪ ۾ معدنيات جي ذخيرن، انهن جي ڳولا ۽ ان شعبي جي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ پڻ هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ جي پڻ ه??اي?? ڪئي.