پئرس _28 فيبروري (اي پي پي ) فرانس ۾ پاڪستان جي سفير عاصم افتخار احمد پئرس ۾ جاري فرانس انٽر نيشنل ايگريڪلچر شو ۾ شرڪت ڪئي جنهن ج?? 60 ??ون ايڊيشن جاري آهي . پئرس ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ٽوئيٽ مطابق سفير زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي مختلف پيشيوراڻي ماڻهن سان ڳالهيون ڪيون ۽ پاڪستان جي وفاقي وزارت نيشن?? فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ جي وفد سان ملاقات ڪئي، جنهن جو مقصد زرعي شعبي، لائيو اسٽاڪ جي پيداوار، تحقيق ۽ خصوص?? تربيتي پروگرامن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ رابطو پيدا ڪرڻ هو . هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته گذريل اڌ صدي کان وڌيڪ عرصي کان پيرس انٽرنيشنل ايگريڪلچرشو نه رڳو فرانس پ?? سموري دنيا ۾ هڪ اهم زرعي تقريب سمجهي ويندي آهي .