اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ تاجڪستان جي سفير عصمت الله نصرالدين الوداعي ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ عصمت الله نصرالدين جي پاڪستان تاجڪستان لاڳاپن جي فروغ جي ل??ءِ ڪردار کي ساراهيو. نگران وزيرا??ظم تاجڪ سفير مستقبل جي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو. هن اميد ??اهر ڪئي ته تاجڪستان مان ايندڙ سفير به اهڙي طرح ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي جي ل??ءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. تاجڪ سفير عصمت الله نصرالدين پاڪستان تاجڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي پراڻو ۽ تاريخي قرار ڏنو. تاجڪ سفير پاڪستان ۾ پنهنجي قيام کي يادگار ۽ پاڪستاني مهمان نوازي کي ساراهيو. تاجڪستان جي سفير نگران وزيرا??ظم پاران نيڪ خواهشن تي سندس ٿورا مڃيا.