اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) ايران ۾ دهشتگرد حملي ۾ فوت ٿيندڙ 9 پاڪستانين جا لاش اڄ هوائي جهاز جي ذ??يعي ??اڪستان پهچي ويندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب 27 جنوري 2024ع تي ايران جي صوبي سيستان، بلوچستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ 9 پاڪستاني شهري فوت ٿي ويا هئا، انهن جا لاش اڄ تفتان بارڊر تان هوائي جهاز ذريعي ??لتان پهچايا پيا وڃن. ترجمان چيو ته اسان جي د??ا آهي ته الله تعاليٰ انهن کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، اسان جون همدرديون ۽ دعائون پونئيرن سان گڏ آهن.