اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته آءِ ٽي جو شعبو ملڪي معيشت ۾ اه?? ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، حڪومت آءِ ٽي جي شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي بورڊ آف گ??رن??ز جي پنجين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??را??ظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. نگران وز??را??ظم هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي ترقي جي لا??ِ سڄي دنيا مان آءِ ٽي ماهرن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ ضروري پاليسيون ٺاهيون وڃن. هن چيو ته حڪومت آءِ ٽي جي شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ ان حوالي سان مثبت اڳڀرائي پڻ ٿي آهي. اجلاس اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي بورڊ آف گ??رن??ز جي چوٿين اجلاس جي فيصلن جي توثيق ڪئي جڏهن ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي بورڊ آف گ??رن??ز جي بجيٽ ۽ فنانس، آڊٽ ۽ ٽيڪنيڪل ڪميٽين جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري پڻ ڏني وئي. اجلاس اٿارٽي جي لائيسنسنگ فريم ورڪ، اٿارٽي پروسيجرز ۽ فيس ريگيوليشنز جي مسودن کي ٽيڪنيڪل ڪميٽي آڏو پيش ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني. اجلاس ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي حوالي سان مختلف معاملا بحث هيٺ آيا. اجلاس ۾ ڪابينا جي ناڻي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي وارن و??اقي سيڪريٽريز، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ ٻين بورڊ ميمبرن شرڪت ڪئي.