اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان والاريل فلسطي?? جي سنگين صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جي مسلسل ۽ انڌاڌنڌ ??مباري، غزه جو غيرانساني گهيراءُ ۽ شهري هدف بشمول پناهگير ڪئمپن، اسپتالن ۽ رهائشي عمارتن تي ڄاڻي واڻي حملن هڪ ناقابل قبول انساني صورتحال پيدا ڪري ڇ??ي آهي. پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس ??ريفنگ ۾ چيو ته گذريل 3 هفتن کان فلسطينين جو قتل عام جاري آهي جنهن ۾ 8 هزار کان وڌيڪ شهري مارجي چڪا آهن جن ۾ 70 سيڪڙو عورتون ۽ ٻار آهن، اهي جنگي ڏوهه اسرائيلي قابض فوج مڪمل ڇوٽ سان ڪري رهي آهي ڇو ته عالمي برادري فلسطيني عوام جي اميدن تي پورو لهڻ ۾ مسل??ل ناڪام رهي آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن سينيٽ آف پاڪستان پاڪستاني عوام جي جذب?? جي ترجماني ڪئي ۽ والاريل غزه ۾ ماڻه?? جي خلاف اسرائيل جي انسانيت سوز ڏوه?? جي شديد مذمت ڪئي. سينيٽ فلسطيني عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو پڻ اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها والاريل فلسطين ۾ ظلم?? جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي گذريل هفتي جي قرارداد فلسطي?? جي صورتحال تي وڌندڙ عالمي اتفاق راءِ جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته اها غزه ۾ قتل عام جي جلد خاتمي جو سبب بڻجندي. هن چيو ته گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل کي امن قائم ڪرڻ جي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي. گڏيل قومن کي غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ، شهري?? جي حفاظت ۽ غزه جي محصور ماڻه?? جي لاءِ بنا رڪاوٽ امدادي ساما?? جي فراهمي جي لاءِ انساني همدرديءَ جي لنگهن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي.