اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي شاندار مهمان ن??ازي ۽ شاندار استقبال تي مالديپ جي پرڏيهي وزير، حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا آهن. مالديپ جي پرڏيهي وزير موسي ضمير جي ٽوئيٽ تي خيرسگالي جي جذبي جو اظهار ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ تعاون جو روشن مستقبل موجود آهي. هن چيو ته پنهنجي مالديپ جي د??ري د??ران کيس مالديپ جي صدر محمد معيزو جو متاثر ڪندڙ خطاب ٻڌڻ ??و شرف حاصل ٿيو.