اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ??ه معاشري جي ترقي ۾ استادن جو ڪردار ناقابل فراموش آهي، نوجوانن جي صلاحيتن ۾ بهتري تڏهن ئي اچي سگهندي جڏهن تجربيڪار استاد ??نهن جي سرپرستي ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي استاد نثار احمد سان ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم سندس گرمجوشي سان ??ست??بال ڪيو. ان موقعي تي نگران وزيراع??م ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن به معاشري جي ترقي ۾ استادن جو ڪردار ناقابل فراموش هوندو آهي ??ڏهن ته اسان جي ملڪ جي نوجوانن جي صلاحيتن ۾ بهتري تڏهن ئي اچي سگهندي جڏهن تجربيڪار استاد ??نهن جي سرپرستي ڪندا. هن چيو ته تعليم سان گڏوگڏ نوجوانن ۾ نظم ۽ ضبط جي تربيت انهن جي ڪرداسازي ۾ بنيادي اهميت رکي ٿي، قائداعظم به ايمان ۽ اتحاد ??ان گڏوگڏ نظم ۽ ضبط جي تلقين ڪئي هئي ڇو ته رڳو هڪ منظم قوم ئي پنهنجي ۽ دنيا جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.