اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته هر پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو حق حاصل آهي، سمورين سياسي پارٽين کي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا، ملڪ ۾ معاشي ا??تح??ام لازمي آهي، پاڪستان جي مُعاشي ايجنڊ?? کي ڪنهن به صورت ۾ متاثر نه ٿيڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر سليم مانڊوي والا سان ??لا??ات دوران ڳالهائيندي چئي. ??لا??ات ۾ ايندڙ چونڊن سميت ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊون منعقد ڪرڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي، نگران حڪومت چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن کي هر ممڪن معاونت ۽ سهولت فراهم ڪندي. هن چيو ته هر پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو پورو حق حاصل آهي، سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا. نگران وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ معاشي ا??تح??ام انتهائي ضروري آهي، پاڪستان جي معاشي ايجنڊ?? کي ڪنهن به صورت ۾ متاثر نه ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي سينيٽر سليم مانڊوي والا ان اميد جو اظهار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن واعدي ??وجب جنوري جي آخري هفتي ۾ چونڊون ڪرائيندي.